اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان مختلف سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ محمود خان اچڪزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، غوث بخش مهر، مير حاصل خان بزنجو، سينيٽر پروفيسر ساجد مير ۽ محمد اعجازالحق شامل هئا.