GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عوام جو پئسو چوري ڪري ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن، 27 مارچ تي عوام جو سمنڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جو پيغام ڏيندو: وزيراعظم

image
APP30-190322 RAWALPINDI: March 19 - Prime Minister Imran Khan addressing at Groundbreaking ceremony of Rawalpindi Ring road Project. APP

راولپنڊي – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جو پئسو چوري ڪري ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن، 27 مارچ تي عوام جو سمنڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جو پيغام ڏيندو، ضمير فروشي جي خلاف قوم جي ڪاوڙ ڏسي لڳي ٿو ته وفاداريون تبديل ڪندڙ ميمبرن جي اڪثريت عوامي دٻاءُ کي منهن نه ڏئي سگهندي ۽ واپس اچي ويندا، ايندڙ ٽن هفتن ۾ ناله لئي جو منصوبو شروع ڪنداسين، ان جي ڀرپاسي ماڊل شهر ٺاهينداسين، وڏن شهرن جا رنگ روڊز وقت جي ضرورت آهي ته جيئن شهرن جو ڦهلاءُ وڪي سگهجي، راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، واپاري سرگرميون وڌنديون. هو راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اهو منصوبو 38 ڪلوميٽر کان وڏو 6 ڦاڪن وارو آهي جيڪو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ان رنگ روڊ تي ڪيترائي انٽرچينج پڻ تعمير ٿيندا، ان سان راولپنڊي اسلام آباد جي جاڙن شهرن ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، متبادل رستي جي طور تي رنگ روڊ جي ڪري مسافرن جي وقت ۽ پئسي جي بچت ٿيندي، منصوبي جي ڪري روزگار جا موقعا ملندا ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. ان تي ڪل لاڳت ارب رپيا ايندي. تقريب کي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي پنجاب جي وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي منصوبو هن سڄي علائقي کي تبديل ڪري ڇڏيندو، هڪ علائقي ۾ مواصلاتي رابطا وڌڻ سان هر شيءَ ۾ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين ٿيون، ان سان روزگار جا موقعا ملندا، ڪاروباري سرگرميون وڌنديون، فيصل آباد، سيالڪوٽ سميت سمورن وڏن شهرن ۾ اهڙي قسم جي رنگ روڊز جي فزيبلٽي ٺاهي رهيا آهيون، انهن شهرن کي رنگ روڊز جي ضرورت آهي، راولپنڊي اسلام آباد جي انتظاميا کي ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته شهرن جي ڦهلاءُ سبب ايندڙ نسلن کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پوکيءَ لائق زمين ۾ گهٽتائي سان فوڊ سيڪيورٽي جا خدشا وڌي رهيا آهن، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ زرعي زمينن کي بچائڻو آهي، سڀني شهرن جا ماسٽر پلان هن سال مڪمل ٿي ويندا، اسان کي گرين ايرياز کي بچائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ناله لئي جي منصوبي کي ايندڙ ٽن هفتن جي اندر شروع ڪنداسين، منصوبابندي نه هجڻ سبب راولپنڊي جو شهر ڦهليو، ناله لئي جي ڀرپاسي دبئي ۽ ٻين جديد شهرن جي طرز تي ماڊرن شهر ٺاهڻ ۾ مدد ملندي، شهري ڦهلاءُ سان گڏوگڏ پاڻي سميت ٻين سهولتن جي ضرورت پڻ وڌي رهي آهي، اسان کي ڊگهين عمارتن طرف وڃڻو آهي، 10 سالن ۾ اسلام آباد ٻيڻو ڦهلجي ويو، لاهور ۾ راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ٺاهي رهيا آهيون، ان سان ڪيترائي هزار ارب رپين جو سرمايو حاصل ٿيندو، هتي ڊگهيون عمارتون هونديون، راوي سٽي جو مقصد بنا منصوبابندي لاهور شهر جو ڦهلاءُ روڪڻ آهي، اهو جديد شهر هوندو ان سان راوي درياءَ کي بچائڻ ۾ پڻ مدد ملندي، ڇو ته راوي درياءَ کي سيوريج جي پاڻي جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو پاڻي سنڌ تائين وڃي ٿو، اسان راوي جي پاڻي کي ٽريٽنمينٽ پلانٽ جي ذريعي صاف ڪري ٻيهر استعمال ۾ آڻينداسين، اهي ميگا پراجيڪٽس آهن. وزيراعظم چيو ته راولپنڊي رنگ روڊ جي ڀرپاسي انڊسٽريل زونز جي منصوبابندي ڪئي آهي. هن موجوده ملڪي صورتحال جي حوالي سان چيو ته پاڪستان جي ماڻهن آڏو پئسي جي سياست سان ضمير خريد ڪرڻ جي سياست کلي سامهون آئي، اهو چوري جو يا سنڌ حڪومت جو پئسو آهي، اهو غيرقانوني طور تي هتي آندو ويو ۽ ان سان کلي عام ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن، سنڌ مان پوليس گهرائي ان عمل کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جا اسان جا چونڊيل نمائندا اسان کان تنگ آهن ته انهن کي لڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي ان طرز سياست جي شڪل نظر اچڻ گهرجي، انهي طرز سياست جي ڪري پاڪستان پٺتي رهجي ويو، پئسو خرچ ڪري سياست ۾ ايندڙن کي پئسي جي زور تي ضمير خريد ڪرڻ تي ڪو شرم نه آهي، ڇا اها جمهوريت آهي، اولهه ۾ پئسا وٺي فلور ڪراسنگ جو تصور به نه آهي، اتي چونڊيل ميمبرن کي عوام جو خوف آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جا ڪارڪن جذبات ۾ اچي ويا، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، جيڪڏهن ڪير عوام کان ان جو ووٽ وٺي اچي ۽ پئسو وٺي ڪنهن ٻي پارٽي سان گڏ وڃي ته ان جي تڪ جي عوام جي اها ذميواري آهي ته اها پرامن احتجاج ڪري پر ٽڪراءُ طرف نه وڃڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڇا ڪنهن هڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي کٽي وفاداري تبديل ڪرڻ جمهوريت آهي؟ سڄي قوم کي حقيقتون نظر اچي ويون، بي اعتمادي رٿ جيترو ويجهو ايندي قوم جي انهن ضمير فروشن تي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو، زمانو بدلجي ويو آهي، هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڇانگا مانگا جي سياست جي وقت سوشل ميڊيا نه هئي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن منحرف ميمبرن مان اڪثريت عوامي دٻاءُ تي واپس ايندي. وزيراعظم چيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد جي تاريخ ۾ عوام جو سمنڊ گڏ ٿيندو ۽ اهو امر بالمعروف جو پيغام کڻي ايندو. وزيراعظم چيو ته اسان جو دين اسان کي سٺائي سان گڏ ۽ برائي جي خلاف بيهڻ جو حڪم ڏي ٿو، ڪرپٽ عنصر چوري جي پئسي سان حڪومت کي هٽائڻ چاهين ٿا.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ