اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ ۾ پاڪ فضائيه جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، م??ڪي سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پاڪ فضائيه پنهنجي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڪري دنيا ۾ منفرد مقام رکي ٿي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن ڊپٽي ايئر چيف عامر مسعود سان پنهنجي ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات ۾ اڳوڻو چيف آف ايئر اسٽاف سهيل امان ۽ فلاحي تنظيمن سان تعلق رکندڙ ٻيون شخصيتون به موجود هيون.