اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي ??ٺي ويندو جنهن ک?? لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد ا??ڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي ت??ريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي ??زيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪ??ي ڇڏيون آهن، 23 ڊسمبر تي ??زيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪ??ي ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون ک??ليون وينديون جيڪي ت??لقه رهجي ويا آهن اتي ??ر هفتي ??ڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون ک??لينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان اعتماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.