اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ وا??عي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو وا??عي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نج?? ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ وا??عي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ ات?? ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون وا??عي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي وا??عي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.