اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي ??ڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي ??هي آهي. هو سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي ??دارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي ??ريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي م??صو??ابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.