جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ م??اقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏ??ل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ ع??لمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏ??ل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏ??ل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.