اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊيج??ٽل ميڊيا سان اسان جو مستقبل واڳيل آهي، ففٿ جنريشن ۽ هائبرڊ وار هڪ حقيقت آهي، پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان لحاظ کان اسان جي خطي کي ڪجهه مشڪلاتون درپيش آهن، اس??ن کي پنهنجي زميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن، فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان وڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل پاڪستان مخالف عنصرن جو آهي، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي، ڊيج??ٽل ميڊيا ونگ جي رپورٽ ۾ پاڪست??ن کي درپيش هائبرڊ وار جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيج??ٽل ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪا اڄ سپر پاور ان لاءِ آهي جو ان جي پاڙيسريت ۾ امن آهي جڏهن ته پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان لحاظ کان اسان جي خطي کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن، اس??ن کي پنهنجي زميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن. هن چيو ته سوويت يونين 1979ع ۾ افغانستان تي قبضو ڪيو، اسامه بن لادن نيويارڪ تي حملو ڪيو، آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهي سمورا فيصلا اس??ن کان پڇي نه ٿيا پر ان جي اثرن جو اس??ن کي منهن ڏيڻو پيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اس??ن کي اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڳولڻ جو چئلينج درپيش آهي، آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما 2013ع ۾ چيو هو ته حڪومتن جو سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن کي منهن ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن ٽي ايل پي جي خلاف آپريشن شروع ٿيو ته ٽن ڪلاڪن دوران هزارين ٽوئيٽس ٿيا ته ڪراچي ۾ سول وار شروع ٿي وئي آهي، انهن سمورن ٽوئيٽس ۾ ڀارت جو وڏو هٿ آهي. هن چيو ته ڀارت مان هڪ فرقي بابت پڻ ڪيترائي ٽوئيٽس آيا، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي. هن چيو ته فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان وڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل اينٽي پاڪستان عنصرن جو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جن ملڪن وٽ بيانيو نه هجي، گڏ رهڻ جو جواز نه هجي ۽ دشمن هر وقت تاڪ ۾ رهي ته ان جي لاءِ بيانيي جي جنگ وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيس ته ان وقت مون چيو هو ته ڊيج??ٽل ميڊيا روايتي ميڊيا جي جڳهه وٺندي، ان تي منهنجي مخالفت ٿي. هن ٻڌايو ته مون 2018ع ۾ ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ته ايڊورٽائيزنگ جهڙي طرح اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ اها اٽڪل 12 ارب ٿي ويندي، 2018ع ۾ اها 4 ارب رپيا هئا ۽ رڳو ٽن سالن ۾ اها 25 ارب رپين تائين پهچي وئي. هن چيو ته هن وقت رڳو گوگل ۽ فيس بڪ اٽڪل 7 ارب رپيا ايڊورٽائيزنگ جي مد ۾ پاڪستان مان حاصل ڪري رهيا آهن، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ فارمل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پٺتي رهجي ويندي جڏهن ته ڊيج??ٽل ايڊورٽائيزنگ اڳتي وڌي ويندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن کي ڊيج??ٽل ايڊورٽائيزنگ تي نظر رکڻي آهي، ??ن کي ريگيوليشن ۾ آڻڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته اس??ن کي جعلي، فرقيواراڻي ۽ نفرت انگيز خبرن تي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري رهيا آهيون، اسان جو مستقبل ڊيج??ٽل ميڊيا آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 114 چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ 31 ڪرنٽ افيئرز ۽ 42 تفريحي چينلز شامل آهن، ايف ايم ريڊيوز جو انگ 258 آهي، انهن مان 196 ڪمرشل ۽ باقي نان ڪمرشل آهن. انٽرنيٽ ٽي وي جا اٽڪل 12 لائيسنس آهن جن ۾ نيا ٽيل، پي ٽي سي ايل ۽ ورلڊ ڪال شامل آهن. ??ن کانسواءِ اٽڪل 1672 اخبارن مان 800 جي لڳ ڀڳ جعلي اخبارون آهن جيڪي شايع ئي نه ٿيون ٿين. اهڙين اخبارن جا اشتهار گهٽ ڪنداسين ته ان تي گوڙ ٿيندو ته ظلم ٿي ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ موبائيل فونز ڪنيڪشنز جو انگ اٽڪل 18 ??رو?? آهي جڏهن ته ڪجهه صارفين وٽ هڪ کان وڌيڪ سمون موجود آهن، اهڙي طرح اٽڪل 10 کان 12 ??رو?? موبائيل صارفين آهن. ٿري جي ۽ فور جي صارفين جو انگ 98 ملين آهي، براڊ بينڊ سبسڪرائبرز جو انگ 10 ??رو?? جي لڳ ??ڳ آهي، اسان وٽ انٽرنيٽ جو دائرو ڪافي وسيع آهي. هن ٻڌايو ته واٽس ايپ تي اٽڪل ساڍا 6 ??رو?? ماڻهو آهن، يو ٽيوب تي 5 ??رو?? 60 لک، فيس بڪ تي 3 ??رو?? 70 لک ماڻهو موجود آهن. سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ ٽڪ ٽاڪ آهي جنهن تي ٻه ??رو?? ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته انسٽا گرام، لنڪ ايدن ۽ ٽوئيٽر تي اٽڪل 5 ملين ماڻهو آهن، ٽوئيٽر تي گهڻو بااثر طبقو آهي. نيٽ فليڪس ۽ ايمازون او ٽي ٽي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، انٽرٽينمينٽ عملي طور تي شفٽ ٿي وئي آهي، ان جي ايڊورٽائيزمينٽ ۾ به اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهڻا ماڻهو ڊيج??ٽل طرف شفٽ ٿيندا، ڊيج??ٽل منظرنامو وڌندو، ڊيج??ٽل ميڊيا پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو پيش ڪندو. هن چيو ته اهي انگ اکر هڪ سخت حقيقت آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي فارمل ميڊيا، ٽي وي يا اخبارون ختم ٿي وينديون پر انهن جو طريقيڪار بدلجي ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عوامي دلچسپي به وڌي رهي آهي، ان ۾ نفرت انگيز ۽ اڻوڻندڙ مواد کي روڪڻ جي لاءِ ريگيوليشنز جي ضرورت آهي. هن مثال ڏنو ته هڪ شخص پنهنجي پاڙي جي ٻارڙين جي وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکي ڇڏي ٿو ته اهي فلاڻي جون ڌيئرون آهن ۽ فلاڻي جڳهه کان اسڪول وڃي رهيون آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن کي ته ان سان ڪو مسئلو نه ٿيندو پر اسان ڄاڻون ٿا ته پاڙي جي ڪنهن ٻارڙي جي تصوير ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکڻ سان ٿي سگهي ٿو ته ان جو اسڪول وڃڻ ئي بند ٿي وڃي، ان لاءِ اس??ن کي اهڙن معاملن تي ريگيوليشنز آڻڻيون پونديون.