اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي خوفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل معاشرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن سان اهڙو معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سائلن خاص طور عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عورتن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل قومن جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي خطاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عورتن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چي?? ته تاريخي ل??اظ کان دنيا جي سڀني معاشرن ۽ خاص طور تي اولهه ۾ عورتن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عورتن جي عزت ۽ تڪريم سان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چي?? ته عورتون فڪري صلاحيتن جي ل??اظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور سان عورتن جي ل??ءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وسيع ٿيا آهن، صدر چي?? ته عورتون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به معاشرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چي?? ته عورتن کي ان حوالي سان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن مان فائدو وٺي سگهن. هن چي?? ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي ل??ءِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ ضروري آهي.
صدر معاشرتي براين کي روڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ معاشرتي رد عمل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چي?? ته ان حوالي سان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا ۾ معاشرتي ڪمزورين جي عڪاسي سان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر عارف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏن?? ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ئي شهرين ۽ خاص طور تي عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي ل??ءِ انهن سان رجوع ڪرڻ جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي.
ان موقعي تي حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽيومينٽري جڏهن ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي خرا?? تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.