اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو شيوو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪوم?? جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ملڪ قرضن جو بنياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عادت، ??پا لڳائڻ، ??پا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، قوي امڪان آهي ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي سڀني لاڳاپيل ڌرين جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاور?? جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، ??سان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو بنياد رکيو آهي.