اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان حزب اسلامي افغانستان جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار اسلام آباد ۾ مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ افغان امن عمل ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳ??پن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خ??ن گلبدين حڪمت يار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳ??پن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان ويجهي ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.