لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر قابل علاج مرض آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعات کان ئي علاج ممڪن آهي، آگاهي ۽ شعور کي فروغ ڏئي ان مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صحتمند عورت خوشحال پاڪستان جي ??مانت آهي، پاڪستان بيت المال ۽ هيلٿ ڪار?? جي ذريعي مستحق مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ان مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي مهم تمام ضروري آهي. هوءَ يونيورسٽي آف لاهور ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ??هتمام هيٺ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهني صحت جي ??نوان سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او جي نمائنده ڊاڪٽر مريم، ريڪٽر يونيورسٽي آف لاهور اويس رئوف، فيڪلٽي ميمبرن سميت ميڊيڪل شعب?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خاتون اول چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڳالهه ڪرڻ ڪا شرم جي ڳالهه نه آهي، عورتن کي پاڻ پنهنجي ڇاتيءَ جو معائنو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به غيرمعمولي تبديل?? جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، عورتون ڪل آبادي جو 52 سيڪڙو آهن انهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٽي وي، ريڊيو، ڊرامن ۽ اخبارن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني صحت بابت پيغام نشر ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرڻ گهرجي، انهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به ڪوٽا سسٽم تحت نوڪريون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان اسان چيمبر آف ڪامرس لاهور سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ??بل?? جاين تي انهن جي لاءِ ريمپس هجڻ گهرجن. بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي ??والي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??خت ضرورت آهي ڪنهن به مرض کي ختم ته نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي ??وڪٿام احتياط سان ممڪن آهي، اسان 5 سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ??والي سان آگاهي پيدا ڪئي جنهنجي ڪري اڄ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي ??سٽيج پهرين يا ٻي هوندي اه?? جيڪو قابل علاج آهي. اسٽيج ٿري يا فور تي ڪينسر جي ??شخيص وڌيڪ فائديمند ناهي هوندي ڇو ته ان اسٽيجز تي مريض جي ??ندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. خاتون اول چيو ته اهو علاج پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگو آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت جي مريضن کي ترس کائي همدرديءَ نه پر عزت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هو گذريل چار پنج سالن کان ڊبليو ايڇ او، سول سوسائٽي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۽ اين جي ??وز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا نڪتا آهن جڏهن ته اسان کي ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته کيس هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته لاهور يونيورسٽي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن وقت آباد?? جي مقابلي ۾ تربيت يافته نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ درپيش آهي، بريسٽ ڪينسر ت?? جيتري آگاهي فراهم ڪئي ويندي ايترو ئي ان مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ??وڪٿام جي لاءِ هر زبان ۾ پيغام ڏيڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ اسڪلز جي ??نياد تي نوڪر?? جي ڪوٽا مخصوص هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارين جاين تي دوستاڻو ماحول هجڻ گهرجي ??ه جيئن اهڙن ماڻهن کي ڪن??ن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي.