اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻه?? کي رليف جي فراهمي موجوده حڪومت جي واحد ترجيح آهي، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود ع??ام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي، سموريون لاڳاپيل وزارتون ٻن ڏينهن اندر ع??ام کي رليف جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، ڀاڻ جي قيمتن ۾ 400 روپين تائين لاٿ آڻڻ لاءِ قدمن ۽ بي آءِ ايس پي تحت ماهوار وظيفي ۾ اضافي جي تجويز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ عام ماڻه?? کي رليف پهچائڻ جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.