لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ت??قي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم پلاننگ ڪئي ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ صحيح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ت??قي ڪئي، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اس??ن کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم بزنس پار?? جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ت??قي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ت??قي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو رخ صحيح آهي اس??ن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اس??ن جي منصوبن جي پيروي ڪري ت??قي ڪئي پر اس??ن پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اس??ن رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.