اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان م??تن??د دستاويز جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ جي خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ??اڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ??اڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.