اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گستاخانا خاڪن جي حوصلا افزائي سان اسلام ۽ اسان جي پيغمب?? صه کي نشانو بڻايو پيو وڃي، صدر رامان??ئل ميڪرون جي اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائڻ جي عمل يورپ ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ ليڊر جي سڃاڻپ اها آهي ته هو ماڻهن کي متحد ڪندو آهي. نيلسن منڊيلا ماڻهن کي ورڇ ڪرڻ بدران انهن کي متحد ڪيو، هي وقت آهي ته صدر رامان??ئل ميڪرون وڌيڪ ورڇ بدران انتهاپسندي کي روڪي.