اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اولهه دنيا خاص طور تي يورپ پاران ا??ان جي پياري نبي صه جي گستاخانا خاڪن ذريعي حملن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جي ڏس ۾ مسلمان امت ۾ ڳڻتي وڌندي پئي وڃي، اولهه دنيا کي سمجهڻو پوندو ته مسلمانن کي برابر عزت ڏيڻي آهي، ا??ان جي عقيدي ۽ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي هرگز قبول نه آهي، مسلمان اڳواڻن کي اسلامو فوبيا جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف مسلمان ملڪن جي سربراهن کي لکيل خ?? ۾ ڪيو.