اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين س?? او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا جي 1302 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان س??ڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، بلوچستان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، آزاد ڪشمير ۾ 707 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??داد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 123 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ت??داد 15 هزار 317 آهي.