اسلا?? آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلا?? آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلا?? آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهن??ي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع ??هي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري ??فاقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي ڪري ??ن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رن??ن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.