اسلام آباد ??? 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته سياحتي ماڳن تي معاشي سرگرمين جو وڌيڪ فائدو انهن علائقن جي رهواسين کي ملڻ ضروري آهي، انهن ماڳن جي صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ غير ضروري تعميرات کان پاسوڪيو وڃي ته جئين قدرتي خوبصورتي برقرار رهي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سياحتي ماڳن گبين جبه، سوات جي د??ري جي موقعي تي ڪيو، وزيراعظم جي آمد تي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي صوبائي حڪومت خيبرپختونخوا جي طرفان سڄي صوبي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفيصلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گبين جبه ۾ قائم ماحول دوست ڪيمپنگ پوڊز آگسٽ 2020ع کان سياحن لاءِ کولي ڇڏيا آهن ??نه?? مان روينيو ڪمائڻ سان گڏوگڏ ان علائقي ۾ سياحن جي آمد سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي.