اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان سان 115 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي آفيسرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي وزيراع??م عمران خان چيو ته سرڪاري ملازم عوامي خدمت?? جي وڏي ذميداري نڀائيندا آهن، هن چيو ته ترقي ۽ عزت ڪمائڻ جو رستو سدائين چئلينجز سان ڀريل هوندو آهي، نوجوانن جو اخلاقي معيار بلند ڪرڻ اسا?? جي ترجيح آهي وزيراع??م عمران خان چيو ته توها?? جي سامهون فيصلا ساز طور سدائين ٻه رستا هوندا، هڪ رستو پئسو ڪمائڻ جو آسان طريقو آهي جيڪو بدعنواني ۽ تباهي جي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رستو عزت ۽ ترقي جو آهي جيڪو چئلينجز سان ڀريل آهي، هن چيو ته اسان جو تع??يم?? نظام طبقاتي ويڇا پيدا ڪيا آهن، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو نصاب آڻي رهي آهي جنهن سان اسا?? جي ٻارن کي مضبوط بنياد ملي سگهندو ۽ اهو شاگرد?? جي چونڊ آهي ته هو جنهن شعبي ۾ چاهين مهارت حاصل ڪن.
وزيراع??م عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد اسا?? جي معاشري جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ آهي، اٿارٽي تحقيق ڪندي ۽ اسا?? جي حضور نبي ڪريم ﷺ جي زندگي تي ٻڌل رهنمائي فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٻارن کي موبائيل فو?? جي ذريعي هر قسم جي مواد تائين رسائي حاصل آهي، غلط مواد ڪچن ذهنن لاءِ غلط فهميون ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيندو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نوجوانن ۽ ٻارن کي هڪ متبادل فراهم ڪندي ته جيئن انه?? جي درست تربيت ٿئي، هن چيو ته طاقت جو استعمال انتهاپسندي جي خاتمي جو حل نه آهي، وزيراع??م عمران خان وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ سان هڪ معتدل، روادار ۽ ترقي پسند معاشرو جڙندو. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت کي اڳوڻين حڪومت?? جي بدعنواني جي ڪري وڏو مالي قرض ورثي ۾ مليو آهي، ڪورونا جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت کي ڪاميابي سان سنڀاليو، حڪومت جي ”ڪاروبار ۾ آساني“ جي پاليسي جي ڪري سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڊيم?? جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته معاشي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هڪ مسلسل عمل آهي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري سڌار?? جي لاڳو لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جلد خطي جو اهم اڳواڻ ملڪ بڻجي ويندو جيئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ هو.