GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عالمي برادري شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي: چوڌري فواد حسين

image

گڏيل قومون – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊس انفارميشن جي روڪٿام ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي عالمي برادري کي چيو آهي ته هو شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي، پاڪستان غلط اطلاع جي مسئلي جي روڪٿام لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن”ڊس انفارميشن کي منهن ڏيڻ ۽ اعتماد سازي لاءِ شفافيت جي فروغ“ جي باري ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي جيڪو گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پريس قونصلر مريم شيخ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران تقريب ۾ پڙهي ٻڌايو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ – 19 جي وبا، ٻي عالمي جنگ عظيم کانپوءِ دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو بحران آهي، وبائي مرض سبب پيدا ٿيندڙ صحت ۽ مالياتي چئلينجن کانسواءِ دنيا ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تيزي سان پکيڙ جي مسئلي جي به ور چڙهيل آهي، جيڪا سماجي ورڇ، قوميت پرستي، امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز تقرير، نسل پرستي، زينوفوبيا، اسلاموفوبيا ۽ ان بابت عدم برداشت سميت جعلي علاج ۽ ويڪسين جي خلاف سازشن کي هوا ڏيڻ جهڙن ڳڀير مسئلن کي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ جتي انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽينڪالاجيز (آءِ سي ٽي) جي استعمال جي ذريعي گڏيل رابطا هڪ نئون معمول بڻجي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ ماڻهو، برادرين ۽ معاشرن کي بااختيار بڻايو آهي، ان سان گڏوگڏ اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي ته آءِ سي ٽي غلط اطلاع، مخصوص مفادن جي حامل معلومات يا ڊس انفارميشن پکيڙڻ جا رستا هموار ڪيا جنهن کي وڏي پئماني، رفتار ۽ دائره ڪار ۾ سياسي، نظرياتي يا واپاري محرڪات لاءِ گهڙيو، پکيڙيو ۽ هوا ڏني ويندي آهي. هن چيو ته ان ”انفوڊيمڪ“ کان ان ڳالهه جي تصديق ٿيندي آهي ته اظهار راءِ جي آزادي صرف هڪ حق ئي نه پر هڪ گڏيل ذميداري به آهي جهڙوڪ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدا (آءِ سي سي پي آر) جي آرٽيڪل 19 (3) ۾ بيان ڪيو ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ غلط اطلاع جي روڪٿام ۾ توازن قائم ڪرڻ ضروري آهي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن عالمي برادري شفافيت کي فروغ ڏيڻ ۽ غلط اطلاع جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ سان اظهار راءِ جي آزادي جي حق جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان خصوصي رابطا ڪار جي ”ڊس انفارميشن ۽ اظهار راءِ جي آزادي“ جي باري ۾ رپورٽ تي ٿورائتا آهيون جنهن انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ غلط اطلاع کي روڪڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڊس انفارميشن تي ضابطو آڻن لاءِ مسلسل ڪوششون گهربل هونديون، هن قومي ۽ عالمي سطح تي ان مقصد جي فروغ لاءِ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ڊس انفارميشن جي پکيڙ جي ري ايڪشن کي قانوني حيثيت، ضرروت ۽ تناسب جي اصولن سميت عالمي انساني حق قانون ۾ مستحڪم انداز ۾ جڙيل هجڻ گهرجي. هن چيو ته صحافي، سول سوسائيٽي جون تنظيمون، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ دانشور آزادي اظهار جي حق جي ذميداراڻي استعمال جي ضرورت کان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڊس انفارميشن جي خطرن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها اسان جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان ڪنهن به معلومات کي شيئر ڪرڻ کان پهرين ڪجهه دير جي لاءِ روڪيون جيڪا حقيقت ۾ ڪو غلط اطلاع يا معلومات به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻين جي حقن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿي، وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون پنهنجو ڪاروباري ماڊلز جو جائزو وٺڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سندن ڪاروباري آپريشنز، ڊيٽا ڪليڪشن ۽ ڊيٽا پروسينگ جا طريقا عالمي انساني حقن جي معيارن سان هڪجهڙائي رکندا هجن، انهن کي پنهنجي پليٽ فارمز کي غلط اطلاعن جي پکيڙ جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي جيڪو امتيازي سلوڪ، نفرت تي اڪسائڻ ۽ تشدد جو باعث بڻجندا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته آن لائن يا آف لائن غلط معلومات ۽ اطلاعن جي معاملن جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ عالمي ريگوليٽري فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي لاءِ مستحڪم ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي، ان جو انساني حقن مان مستفيد ٿيڻ ۽ سڀني جي بنيادي آزادين تي واضح منفي اثر پوندو آهي، ڊس انفارميشن کي منهن ڏيڻ لاءِ جي پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان گڏيل قومن جي 76 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ” ڊس انفارميشن جي روڪٿام ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ ۽ فروغ“ جي عنوان سان هڪ قرارداد پيش ڪندو، اسان ان قدم جي لاءِ سمورن ميمبرن ملڪن جي تعاون جا منتظر آهيون، ان طرح جي قرارداد جي منظوري شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن تي قابو پائڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حق مان لطف اندوز ٿيڻ جي جامع مهم جي آغاز ۾ معاون ثابت ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania