GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وفاقي حڪومت جي نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ تحت ٽن يونيورسٽين جي ذهين شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا وي

image

ڄامشورو-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وفاقي حڪومت جي نشينل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ (نيسٽ) تحت سنڌ يونيورسٽي،لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش يونيورسٽيءَ جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پاران آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت وفاقي وزير مدد علي سنڌي هو. تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، شهيد الله بخش يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائين اينڊ هيريٽيج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊينز، پروفيسرن، آفيسرن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته وفاقي وزير مدد علي سنڌي مادر علميءَ جو گريجوئيٽ آهي، جيڪو ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو دانشور پڻ آهي. تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو، جڏهن ته تازو هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي باني وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي تي تحقيق جي بنياد تي هڪ عاليشان ڪتاب لکيو آهي. سندس تحقيقي پورهيو پي ايڇ ڊي سطح کان به وڏو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي هجي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هجي يا شهيد الله بخش يونيورسٽي، ٽيئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پيداوار آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بهترين خدمت ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هاسٽلن ۾ الاتمينٽ جي سال جي في صرف 5 هزار رپيا آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي سهولت به سستي فيس تي مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 400 ٽيچرز پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي جون ڊگري ڪري آيا ۽ جيڪي مقامي پي ايڇ ڊي هولڊر آهن، اهي پڻ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ سندن تحقيقي مقالا دنيا جي بهترين جرنلن ۾ ڇپجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس ۾ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جتي سنڌ يونيورسٽيءَ سميت مختلف يونيورسٽين جي گريجوئيٽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ بزنس اسٽارٽ اپ سميت مختلف مهارتون شامل آهن. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو ته هو 45 سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مادر علميءَ سان سندس خوبصورت يادون جڙيل آهن. هو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو. هن چيو ته وزير طور حلف کڻڻ بعد هن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وي سيز جو اجلاس گهرايو ۽ سندن يونيورسٽين جا مسئلا ٻڌا. هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي هن اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن جي ايجنڊا ٻن اسمن تي مشتمل آهي ته چئني صوبن ۾ جيڪي لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيئن ڪجي ۽ صوبن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائجي. هن چيو ته هن جڏهن پنهنجي وزارت جو جائزو ورتو ته کيس 27 ڊپارٽمينٽ نظر آيا، جن ۾ نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ به شامل هو. هن چيو ته هن هڪدم سنڌ يونيورسٽيءَ جي ذهين شاگردن جي اسڪالرشپ جو پڇيو ۽ اڄ هتي ٽن يونيورسٽين جي ٻارن کي اسڪالرشپ جي رقم ڏيڻ پهتا آهيون. هن اعلان ڪيو ته جلد سنڌ جا 2 موجوده يا اڳوڻا وي سيز نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ واري کاتي ۾ شامل ڪندس ته جيئن صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ملي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندس. وفاقي وزير چيو ته صوبن خاص طور سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بهتر ڪرڻ۽ معياري تعليم جي فراهميءَ لاءِ سڀني کي ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جلد ملڪ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز کي گهرائي سندن يونيورسٽين جا مسئلا ٻڌا ويندا ته جيئن اهي حل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي بجيٽ جو درست استعمال ٿئي ته 80 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش يونيورسٽي آرٽس، ڊيزائين ۽ هيريٽيج جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا ويا. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت يونيورسٽيءَ جي ٻن شاگردياڻين نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ تحت پنهنجي پرهائي مڪمل ڪري عملي زندگيءَ ۾ مليل ڪاميابيءَ بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير مدد علي سنڌي، وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊيزائين جو دورو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي ۽ ٻين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي ۽ سندس پورٽريٽ وفاقي وزير کي تحفي ۾ ڏنا، گڏوگڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيڪسٽائيل شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل مفلر ۽ اجرڪن سميت مختلف ثقافتي تحفا وفاقي وزير حوالي ڪيا ويا. ان کان اڳ وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ جي بينظير گئلريءَ ۾ فوٽو نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ گئلريءَ ۾ لڳايل تصويرون دلچسپيءَ سان ڏٺيون. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي سندن سپروائيزر ٽيچرن جي واکاڻ ڪئي.جنهن بعد هن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جي مزارن تي حاضري ڀريندي گلن جي چاندر چاڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري.

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino